اي بي صدا لاشاري

اي بي ’صدا‘ لاشاري: شاعر، مضمون نگار، ڪالم نگار، سماج سڌارڪ ۽ وڪيل اي. بي لاشاري جو اصل نالو الله بخش لاشاري آھي ۽ شاعريءَ ۾ صدا لاشاريءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ھي الحاج علي بخش لاشاريءَ جي گهر پھرين آڪٽوبر 1972ع تي چک لاشار، ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ بي.اي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورمان، ايل.ايل.بي گورنمينٽ سنڌ مسلم لاڪاليج مان، ايم. اي سوشيالاجي ۽ ماسٽرس ان لا ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين ۽ ھن وقت وڪالت جي شعبي سان سلھاڙيل آھي.پاڻ ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا اٿس، ان کانسواءِ مختلف اخبارن ۾ حالات حاضره تي ڪالم پڻ لکندو رھي ٿو، علمي ادبي ميدان ۾ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايوسندس استاد آھي. اي.بي لاشاري ’نئين آس‘ مئگزين ڪراچيءَ جو 2016ع کان 2019ع تائين چيف ايڊيٽر ۽ ’صدا پبليڪيشن ڪراچي‘ جوناشر آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’ترڇا تير‘ (شاعري 2014)، ’آذربائيجان سي ازبڪستان تڪ‘ (سفرنامو 2019ع)، ’سيذ ڀٽائي ايغ ڪلام‘ (شاهه صاحب جي ٽن چونڊ سرن جو بلوچي ٻوليءَ ۾ ترجمو)، ’ٻيو مڙوئي خير‘(ڪالم ۽ مضمون) ۽“Mir Mubarak Khan Lashari, the symbol of courage and loyalty” شامل آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو